ڊنمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊريڪسن صاف لفظن ۾ چيو آهي ته يورپ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته غزہ جي هولناڪ انساني الميي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ ۾ گڏيل راءِ پيدا ڪرڻ مشڪل ٿي رهيو آهي۔
ان باوجود، هن واضع ڪيو ته ڊنمارڪ ۽ يورپي يونين جي صدارت ڪندڙ ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا ۽ اسرائيل تي موثر پابندين جو آپشن به رد نه پيو ڪن۔
هن جو چوڻ هو ته جيئن روس تي اقتصادي ۽ سياسي پابنديون لڳايون ويون، تيئن ئي اسان اسرائيل خلاف به تجارتي، تحقيقاتي ۽ سياسي تعاون معطل ڪرڻ سميت هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون۔
فريڊريڪسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پابندين جو دائرو اسرائيلي وزراء، شدت پسند آبادڪارن يا سڌو اسرائيلي رياست تائين به وڌي سگهي ٿو۔
غزہ واري جنگ تي يورپي يونين اندر سخت ورهاست آهي ـ ڪجھ ملڪ جهڙوڪ آئرلينڊ، اسپين ۽ بيلجيم فلسطيني رياست جي حمايت ۾ آهن، جڏهن ته ٻيا اسرائيل جي ساٿ ۾ بيٺل آهن۔