“وزن گھٽائڻ واري سرجري کان پوءِ ٻيهر موٽو ڇو ٿين ٿا نوجوان؟ نئين تحقيق حيران ڪندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيو”

“وزن گھٽائڻ واري سرجري کان پوءِ ٻيهر موٽو ڇو ٿين ٿا نوجوان؟ نئين تحقيق حيران ڪندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيو” - اردو خبریں

جرنل Obesity ۾ شايع ٿيل هڪ نئين تحقيق نوجوانن لاءِ اهم پيغام آڻي آهي. ماهرن ٻڌايو آهي ته جن نوجوانن جي رت ۾ “پرفلورو الڪائل” (PFAS) يا “فار ايور ڪيميڪلز” وڌيڪ مقدار ۾ موجود هوندا آهن، اهي بيارياٽرڪ سرجري (وزن گھٽائڻ واري آپريشن) کان پوءِ به ٻيهر وزن وڌائڻ جا وڌيڪ امڪان رکن ٿا.

تحقيق جي سربراهه برٽني بامرٽ جو چوڻ آهي ته هي نتيجا واضع ڪن ٿا ته نوجوانن ۾ PFAS ۽ وزن وڌڻ يا گھٽجڻ جي نتيجن ۾ سڌو تعلق آهي.

PFAS کي “فار ايور ڪيميڪلز” ان ڪري سڏيو وڃي ٿو، ڇو ته اهي ڪاربان ۽ فلورين مالڪيولز تي ٻڌل هوندا آهن، جيڪي انتهائي طاقتور ڪيميائي بانڊ ٺاهين ٿا. ان ڪري انهن کي جسم مان ختم ڪرڻ يا ٽوڙڻ لڳ ڀڳ ناممڪن هوندو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ڪيميڪلز جي موجودگي جسم ۾ ڊگهي عرصي تائين رهندي آهي ۽ سرجري کان پوءِ به وزن ٻيهر وڌڻ جو خطرو برقرار رهندو آهي.

مصنف کے بارے میں

Shahbaz Sayed

مزید مضامین

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *