ڪيرنز ۾ کيڏيل فيصلو ڪن ٽوئنٽي20 ميچ ۾ شائقين کي آخري اوور تائين ساهه کڻڻ جو موقعو نه مليو. ڏاڍي مقابلي کان پوءِ آسٽريليا صرف هڪ بال اڳ 173 رنز جو هدف پورا ڪري ڏنو ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
جنوب آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪٽن تي 172 رنز ٺاهيا. نوجوان بيٽسمين ڊيوالڊ بريوس 53 رنز سان ڇانيل رهيو، جڏهن ته وِين ڊير ڊسن 38 رنز ٺاهي ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
بالنگ ۾ آسٽريليا جا ناتھن ايلس (3 وڪيٽ)، ايڊم زمپا ۽ جوش هيزل وڊ (2،2 وڪيٽون) سڀ کان نمايان رهيا.
جواب ۾ آسٽريليا جا بيٽسمين به پٺتي نه هٽيا. ڪپتان مچل مارش 54 رنز سان اڳڀرو رهيو، پر اصل شو اسٽاپر گلين مڪسويل رهيو جنهن 36 بالن تي ڌماڪيدار 62 رنز ٺاهي ٽيم کي فتح تائين پهچايو.
بالنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا لاءِ ڪوربن بوش 3 وڪيٽون، ربادا ۽ مپاخا 2،2 وڪيٽون وٺي سگهيا.
ياد رهي ته سيريز جا پهريان ٻه ميچ به دلچسپ رهيا هئا: پهريون ميچ آسٽريليا 17 رنز سان کٽي ورتو، ٻيو ميچ ڏکڻ آفريڪا 53 رنز سان کٽي هٿ وس آندو، ۽ هاڻي فيصلو ڪن مقابلو آسٽريليا جي نالي رهيو.