پولیس ترجمان موجب منگھوپیر ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي، جتي عليزہ فیکٹری ڀرسان واردات ڪندڙ 5 ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
اهي ملزمان جولاءِ 2025 ۾ هڪ شهري کان 40 لک روپيا نقد، موبائل فونز ۽ موٽرسائيڪل هٿيارن جي زور تي ڦري ويا هئا۔ واردات جو ڪيس ٿاڻو منگھوپیر ۾ داخل هو۔
پولیس جي مطابق، گرفتار ٿيل جوابدارن کان ٽئي غيرقانوني پسٽل، ايمونیشن، ڦريل موبائل فونز، نقد رقم ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل به برآمد ڪئي وئي آهي۔
گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ امن الدين، مجاهد احمد، محمد ارسلان، بادشاهه حسين ۽ غفران طور ٿي آهي۔