سون خريد ڪندڙن لاءِ سٺي خبر ـ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 9 ڊالر سستو ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني مارڪيٽن ۾ به قيمتون گهٽجي ويون آهن۔
24 قيراط في توله سون تقريباً 900 رپيا گهٽجي هاڻي 3 لک 56 هزار 200 رپيا تي اچي ويو۔
10 گرام سون به 771 رپيا گهٽجي 3 لک 5 هزار 384 رپيا تي پهچي ويو۔
في توله چاندي ۾ به گهٽتائي ٿي ۽ هاڻي ان جي قيمت 4,031 رپيا آهي۔
جڏهن ته 10 گرام چاندي 3,455 رپيا تي رڪجي وئي۔