سندھ حڪومت پاران هڪ اهم فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن تحت صوبے جي 100 کان وڌيڪ تحصيلن ۾ مقرر اسسٽنٽ مختيارڪارز کان مختيارڪار جو چارج واپس وٺي ڇڏيو ويو آهي۔
ذرائع موجب، سياسي سفارش تي ٿيل تقررين تي سخت تنقيد کانپوءِ بورڊ آف ريونيو سنڌ طرفان هي قدم کنيو ويو آهي۔
خاص طور تي ضلع دادو ۾ اهم تبديليون عمل ۾ آيون آهن:
دادو ۾ شيراز پنهوءَ کي هٽائي، ان جي جاءِ تي عبدالحميد کوکر کي مختيارڪار مقرر ڪيو ويو۔
ميهڙ ۾ اسلم مگسي جي جاءِ تي شيراز علي عرف حالار خان کي ذميواري ملي وئي۔
جوهي ۾ محمد پنجل ميمڻ کي هٽائي، اسد لاشاري کي نئون مختيارڪار مقرر ڪيو ويو۔
جڏهن ته ڪي اين شاهه ۾ سميع الله جمالي جي جاءِ تي زاهد ابڙو کي چارج ڏنو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب، دادو، ميهڙ، جوهي ۽ ڪي اين شاهه جا سڀني اڳوڻن مختيارڪارز کي فوراً بورڊ آف ريونيو سنڌ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔