ڊيفنس ۾ نوجوان تي سرعام تشدد واري ڪيس جو انجام اچي ويو۔ عدالت ۾ پوليس پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر نوجوان ڌيرج عرف دھن راج پاڻ ملزم خلاف ڪارروائي نٿو ڪرڻ چاهي۔
نوجوان پنهنجي حلفيه بيان ۾ چيو ته “سلمان فاروقي منهنجي يا منهنجي ڀيڻ سان ڪا به بدتميزي ناهي ڪئي، هي سڀ ڪجهه هڪ غلط فهمي هئي”۔
مدعي جي معافينامي بعد پوليس ڪيس کي سي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ عدالت به الزامن مان ملزم کي بري ڪري ڇڏيو۔
ياد رهي ته هي ڪيس گذري ٿاڻي ۾ سلمان فاروقي ۽ اويس هاشمي خلاف داخل ٿيو هو۔