“آئي پيڊ واري سر سان نئون ايپل روبوٽ – 2027 ۾ لانچ جي تياري”

“آئي پيڊ واري سر سان نئون ايپل روبوٽ – 2027 ۾ لانچ جي تياري” - اردو خبریں

بلومبرگ جي رپورٽ مطابق ايپل ايندڙ سالن ۾ صرف آئي فون يا ميڪ بڪ تائين محدود نه رهندو، پر نون ڊيوائيسز سان گهرن جي دنيا بدلائڻ لاءِ تيار آهي. 2027 ۾ ڪمپني کان هوم سيڪيورٽي ڪيمرا ۽ سِري سان جڙيل اسمارٽ اسپيڪر جي لانچ جي اميد آهي.

پر سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ ايپل جو نئون روبوٽ آهي، جنهن جو ڪوڊ نالو “جے 595” ٻڌايو پيو وڃي. هي روبوٽ هڪ ميڪينڪل جسم هوندو جنهن جي مٿان آئي پيڊ مِني جهڙو “سر” لڳل هوندو. خاص ڳالهه اها آهي ته هي روبوٽ گهر ۾ صارف جي پويان پويان گهمندو رهندو ۽ روزمره جي ڪم ۾ مدد ڪندو.

اهو روبوٽ خاص طور تي ميز يا ڪچن جي ڪائونٽر تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، جتي اهو ماڻهن کي اسسٽ ڪري سگهندو. ساڳئي وقت، هڪ ايپ ذريعي صارف ان کي فاصلي تان ڪنٽرول ڪري سگهندا.

ايپل جو منصوبو آهي ته ان روبوٽ ۾ سِري جو اهڙو نئون ورزن شامل ڪيو وڃي، جيڪو موجوده اسمارٽ اسسٽنٽ کان ڪٿي وڌيڪ طاقتور ۽ مددگار هوندو.

مصنف کے بارے میں

Shahbaz Sayed

مزید مضامین

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *