غیر ملکی رپورٽ موجب، فلسطینی نژاد نادین ایوب، جيڪي هن وقت متحده عرب امارات ۾ رهندڙ آهن، عالمي مقابلہ مِس یونیورس 2025 ۾ حصو وٺنديون۔
نادین جو چوڻ آهي ته هوءَ صرف هڪ مقابلہ حسن ۾ شامل نه ٿي رهي، پر پنهنجي وطن، خاص طور تي غزہ ۾ جاري بحران ۽ فلسطيني عوام جي جدوجهد جي آواز بڻجڻ لاءِ هي قدم کڻي رهي آهي۔
هن چيو:
“مان هن پلیٽ فارم ذريعي هر فلسطيني عورت ۽ ٻار جي نمائندگي ڪنديس، جن جي همت ۽ عزم کي دنيا آڏو آڻڻ ضروري آهي۔”
واضح رهي ته رواں سال نومبر ۾ هي مقابلو ٿائيلينڊ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جون پرڪشش ۽ باصلاحيت عورتون حصو وٺنديون۔